موڙَ جي سنڌي معنيٰ
چَونر، ٽؤنر، ڦندڻ، جهَالا. چوڙا. سھرا. ڪلاھ. گهوٽ جو شاديءَ جي وقت مٿي تي ٻڌل تاج، مڪٽ، مُٽَڪ، چَٽ، مُنگهٽ. طرا، ڪَلنگيون، ڪُلغيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A rubbing of the hair, a twist. Style of turning or forming letters in writing.
موڙَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُونگَرَ ھَلايومِ، ڏِئو موڙَ مَھارَ جِي،
وَسان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪاموُن سَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 49 ]
وَسان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪاموُن سَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 49 ]
توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين،
مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 8 ]
مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 8 ]
اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 30 ]
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 30 ]
ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي ٻَجَهنِ موڙَ،
جهان جهان جَهمَ جَهڪورَ، ڪَرَھا ڪاڪِ ڌَڻِيَنِ جي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 1 ]
جهان جهان جَهمَ جَهڪورَ، ڪَرَھا ڪاڪِ ڌَڻِيَنِ جي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 1 ]
چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ،
ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ،
ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا گوڙَ،
ساري سَناسِيَن کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
ڪَڏِھِين پاسا پَٽَ تي، ڪَڏِھِين کَٽُنِ کوڙَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 2 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳِيَنِ جوڙَ،
ساري سَناسِيَنِ کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
مَنَ جَنِي سان موڙَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 12 ]
ساري سَناسِيَنِ کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
مَنَ جَنِي سان موڙَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 12 ]
چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ مُگَٽَ موڙَ،
جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ، مُون ويسَرِيءَ وِڃايا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 4 ]
جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ، مُون ويسَرِيءَ وِڃايا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 4 ]
وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو،
وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ،
کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 9 ]