موڙِ جي سنڌي معنيٰ
مَروڙ، وَراءِ، ٻِيڻو ڪر، مَروٽ، سَروٽ، وِڪوڙ، وراڪو ڏي، پيچ ڏي، ورُ ڏي، وَرُ وجهہ، مَروٽ ڏي. ڏِنگو ڪر. گهماءِ، ڦيراءِ، چڪر ڏي، هلاءِ، بدلاءِ، مَٽاءِ، رُخ بدلاءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To bend, twist, sprain, wrench.
موڙِ جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]