مَنَ جي سنڌي معنيٰ
دل، ويچار ڪرڻ، ماڻهوءَ جي اھا سگهہ جنھن سان ويچار ڪري، فڪر ۽ خيال پيدا ڪرڻ واري قوت، ھردو، چِتُ، قلب، اندر، جيءُ، آتما، روح لاڙو، جهُڪاءُ، رغبت، چاھ، خيال، ويچار،غور، ڌيان، مرضي، نيت، ارادو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mind, heart, thinking, faculty, conscious, innermost, thoughts, inclination.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
مَنَ جا بيتن ۾ حوالا
تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 2 ]
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 2 ]
واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي،
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]
پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو،
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان،
چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 14 ]
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان،
چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 14 ]
سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ،
جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ، مُون اَڄاڻندي اُجِهئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 22 ]
جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ، مُون اَڄاڻندي اُجِهئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 22 ]
لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيان،
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 12 ]
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 12 ]
ڪُڌا تُورا ڪَرَھا، ڇَڏِ لاڻِيءَ جِي لَغارَ،
سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ،
سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 45 ]
سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ،
سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 45 ]
حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]