مَنِ جي سنڌي معنيٰ
دل ۾، ويچار ڪندي، ماڻهوءَ جي ان سگهہ ۾ جنھن سان ويچار ڪري، (من: فڪر ۽ خيال پيدا ڪرڻ واري قوت، ھردو، چِتُ، قلب، اندر، جيءُ، آتما، روح لاڙو، جهُڪاءُ، رغبت، چاھ، خيال، ويچار،غور، ڌيان، مرضي، نيت، ارادو.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In mind, heart, thinking, faculty, conscious, innermost, thoughts, inclination.
مَنِ جا بيتن ۾ حوالا
بِيا مَنِ تَہ گِردِ نِنڌُون، ٿِئي گُفِتا مَني گوشَ،
مَنِ اوزي بَرامَ سين، ھُو ھاڙِھي جا بَلوچَ،
اُشتِر اُنَهِيءَ پارَ جا، آندائُون اَرموشَ،
ٿَئي گُواَکا مَني گوشَ، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 12 ]
مَنِ اوزي بَرامَ سين، ھُو ھاڙِھي جا بَلوچَ،
اُشتِر اُنَهِيءَ پارَ جا، آندائُون اَرموشَ،
ٿَئي گُواَکا مَني گوشَ، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 12 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي مَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، تَنَ ۾ آھي تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 3 ]
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، تَنَ ۾ آھي تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 3 ]
ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

پَلِيان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ،
گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ،
جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 13 ]
گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ،
جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 13 ]
گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
کوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، پَکا سَندَنِ ٻَنِ،
اُستُ جو اُٺِنِ جو، مُون کي رَھِيو مَنِ،
جِيءَ ۾ جَتَ رَھَنِ، ٻِي پِرٿِڻِي پاسي ٿِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 12 ]
اُستُ جو اُٺِنِ جو، مُون کي رَھِيو مَنِ،
جِيءَ ۾ جَتَ رَھَنِ، ٻِي پِرٿِڻِي پاسي ٿِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 12 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
راجا کي ٽِينءَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻِيجَلَ،
سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ،
آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 3 ]
سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ،
آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 3 ]
ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ،
نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ،
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ ڪا مُسلِمانِي مَنِ،
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، پِرِين ڪِجان پانھِنجو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 15 ]