Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو جو بيت
ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 84 سيڪڙو
سمجهاڻي
دل جي سچي سڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪو آسرو يا ڀروسو ناهي. اهي جيڪي (عشق ۾) سچيون ناهن سي (وڃڻ کان اڳ) هن پاسي بيھي ڪک ڪنڊا (ترڻ لاءِ کوڙو) پيون ڳولين. ليڪن انهن لاءِ درياھ جو پاڻي ننڍي ڪسيءَ وانگر آهي جيڪي تُرهي کان سواءِ ترن ٿيون (سچيءَ همت ۽ ارادي سان پاڻيءَ ۾ گهڙن ٿيون)
اي سهڻي، اصل عاشقن کي اها محبت ئي آهي جيڪا کين محبوب وٽ پھچائي ٿي. جن کي محب ميھار جي ياد لڳل آهي، تن کي درياھ جا ڪُن ڪو نہ ٿا جهلين.
[ظاهري وسيلن ۽ ذريعن تي نہ ڀاڙڻ بابت رومي هينئن چوي ٿو:
زانکه آلت دعويٰ است و هستي ست،
کار در بي آلتي و پستي ست.
(دفتر اول، ب- 2697)
معنيٰ: ساز و سامان کڻي هلڻ جو مطلب پنھنجي هستيءَ جي دعويٰ ڪرڻ آهي. اصلي ڪم بنا وسيلن ۽ پاڻ کي ڪجهہ نہ سمجهڻ ۾ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1549
ڪُوْنِهْ آَکَهُ اِهَرُوْ جِھَرِيْ مَحَبَّةَ مَنِ﮶
اُڀِيٌ اُوْرِي﮼ پَارَ ڎٖيْ ڪُوْرِيٌ ڪَکَّہ پُڇَنِ﮶
نَندِيْ تَنِ نٖيْرُ ٿِي﮼ جٖيْ رِءَ تُرَھٖيْ تَرَنِ﮶
سِڪَ رَسَانٖيْ سُوْهَنِيْ اَصْلِ عَاشِقَنِ﮶
سٖيْ جَلِيٌ ڪِيْنَ ڪُنَنِ پُڇَنِ جٖيْ مِهَارَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कोनिहे आग॒हु इहड़ो। जिहड़े महबत मनि।
उभियूं ओरियें पार डे॒। कोड़यूं कख पुछनि।
नदी तनि नेड़ु थिए। जे रिअ तुरहे तरनि।
सिक रसाणे सूहणी। असलि आशिक़नि।
से झलियूं कीन कुननि। पुछनि जे मेहार खे।
ROMAN SINDHI
Konnhay Aaghh'u Aeharo, Jaehrri Muhabbat'a Mann'ay,
Ubhhi'oon Ori'yen Paar'a Day, Kooriyoon Kakhh'a Puchhan'ay,
Naddi Tann'ay Nair'u Thi'ye, Jay Ree'a Tura'hay Taran,
Sikk'a Rassaa'ni Suhn'ni, Assal'ay Aashiqan'ay,
Say Jhhali'oon Keen'a Kunann'ay, Puchhan'ay Jay Maehaar'a Khhay.
TRANSLATIONS
On a (celestial) journey there is nothing more dependable than a heart teeming with love. The pseudo lovers merely stand on the near bank and requisition a raft. Those lovers who swim without a raft, find the river a mere stream. O Suhni! Love and yearning for the beloved are the sure raft for lovers. Those who remember the beloved are not detered by eddies.
No power equates love within one's soul,
Insincere ones stand on bank asking for a yatcht,
River becomes a stream for those who swim without a raft,
Longing alone to Lord has lovers led,
Those who Mehar seek, cannot by whirlpool be withheld.
There is no guide like the heart full of love,
False lovers tarry on this bank asking for rafts,
The river becomes a small stream for those, who swim without raft,
It is only true love, o Sohni, that takes across safely,
Eddies could not stop those, who are dead set for Mehar.
لو يوجد أي دعم ووسيلة مثل العشق فى القلب- العاشقات الكاذبات الواقفات على الجهة الأخرى يستفسرون من بعيد عن الرمث والطوف.
اللاتي يسبحن بدون رمث- لهن نهر كبير بركة صغيرة.
يا سهني! من البداية ِّ يؤصل العاشقين الود والحب- إلى حبيبهم.
الذين قلوبهم ومعلقة مع ميهار- لايمنعهم دردور.
رہبر نہیوں ایسا، جیسی الفت ہئی وچ من
کوڑیاں کھلوتیاں کنڈھے اُتے، تُلے کوں پُچھن
دریا تیہناں کوں نہر ہووے، جو تکیوں باجھ ترن
سِک اپڑاوے سوہنیے! عاشق اصلاں دے جو ہن
مِت مہینوال پُچھن، جیہناں نہ ڈکیا بھنوراں نے
وصل وسیلا ھے بن جاندی سچی پریت مناں دی
کنڈھے کھڑیاں بھالن تُھلے ، جھوٹھی پریت جہناں دی
جو ٹِھل پئیاں تُلھے باہجوں نے کسی جن جاندی
جو در ماہی اپڑ گئیاں سچی سِک تنہاں دی
گھمر گھیری روک نا پاوے، جن من وسیا ماہی
اس جہانِ وسیع و تنہا میں
اک محبت کا آسرا کیا ہے
ہم تو پروردۂ تلاطم ہیں
ساحل آسودگی بلا کیا ہے
سازو سامان زیست بے معنیٰ
ہر تگ و دو کی انتہا کیا ہے
زلفِ پرخم سے موج پیچاں تک
یہ تمنا کا سلسلہ کیا ہے
سوہنی، جذبۂ محبت کو
موج و طوفان سے واسطہ کیا ہے
عشق سے بڑھ کر کوئی نہیں ہے، جگ میں اور سہار،
جن کی جھوٹی پریت ہے سجنی!، کھڑی وہ اِس پار،
دریا کو جو نالا سمجھیں، گھڑا ہو کیوں درکار،
سچی پریت ہی پہنچاتی ہے، دریا کے اس پار،
من میں ہو میہار، تو بھنور، لہر بھی روک نہ پائے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا…
- (بيت) اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان…
- (بيت) تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي،…
- (بيت) جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ…
- (بيت) جيڪِي ڏِٺو مانۡ، سو جَي…
- (بيت) جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ…
- (بيت) سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ…
- (بيت) سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ…
- (بيت) سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي…
- (بيت) عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو…
- (بيت) مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو…
- (بيت) واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ…
- (بيت) وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي…
- (بيت) وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ…
- (بيت) ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ…
- (بيت) گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا…
- (بيت) گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
