Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر سھڻي جَي پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو جو بيت
جيڪِي ڏِٺو مانۡ، سو جَي ڏِٺو جيڏِئين،
گهَرِ وَرَنِ سان، ھُوندَ گهَڻِنِ گهوري ڇَڏِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سهڻي چوي ٿي) جيڪا (سهڻي سڄڻ) جي صورت مون ڏٺي آهي، اها جيڪڏهن منھنجيون سرتيون پڻ ڏسن ها تہ اهي پنھنجا گهر مڙسن سوڌو قربان ڪري ڇڏين ها!
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
آنکه ديدندش هميشه بيخود اند،
بي خودانہ بر سُبو سنگي زدند.
اي ز غيرت بر سبو سنگي زده،
و آن شکست خود درستي آمده.
(دفتر اول، ب- 2865)
معنيٰ: جن هن (حقيقت جي درياھ) کي ڏٺو آهي تہ اهي ان جي ڏسڻ سان سدائين مست آهن ۽ پنھنجي گهڙي کي پٿر هڻي ڀڃي ڇڏيو اٿائون. جن حق جي غيرت خاطر گهڙي کي ڀڳو آهي (فنا ڪيو آهي)، تن جي تڪميل (مالڪ وٽان) پاڻ ٿي آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1600
جٖيْڪٍ ڎِٽُوْ سُوْ جٖيْ ڎِٽُوْ جٖيْڎِي﮼﮶
کَرَ وَرَنٍ سَانُ هُندَ کَنِنِ کُوْرٖيْ ڇَڎِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेकी डि॒ठो मां। सो जे डि॒ठो जेडि॒एं।
घर वरने सां। हूंद घणिनि घोरे छडि॒आ।
ROMAN SINDHI
Jeki Dithho Maan, So Jay Dithho Jediyen,
Ghhar Waran Saan, Hoond'a Ghhanrin Ghhoray Chhadya.
TRANSLATIONS
If my friends had beheld what I did, many of them would have sacrificed their houses and consorts (and immediately left for the beloved).
Note: Verses No. 4 to 6 imply that those seekers who are imbued with the Divine love, are impatient to get away from the worldly connections.
Had my mates perceived what I had perceived,
Many of them would have given up their homes and husbands.
مینوں دسیا ھے جو سکھیو جے دِسیندا تہانوں
صدقے وارے ہوون اوہدے جاندیو چھڈ گھرانوں
جو کچھ دیکھا میں نے، سکھیوں نے جو دیکھا،
گھر ، بر، وار دیا، چین سے بیٹھ نہ پائیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا…
- (بيت) اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان…
- (بيت) تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي،…
- (بيت) جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ…
- (بيت) جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ…
- (بيت) سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ…
- (بيت) سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ…
- (بيت) سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ…
- (بيت) سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي…
- (بيت) صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي…
- (بيت) عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو…
- (بيت) مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو…
- (بيت) واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ…
- (بيت) وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي…
- (بيت) وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ…
- (بيت) ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين،…
- (بيت) پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي…
- (بيت) ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ…
- (بيت) ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ…
- (بيت) گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي…
- (بيت) گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا…
- (بيت) گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون…
- (بيت) گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
