Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي دھشت دام درياھَ جو بيت
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
رسالن ۾ موجودگي: 70 سيڪڙو
سمجهاڻي
درياھ جي (قھري) ڪُنن جو ڌڌڪو ۽ گجگوڙ لڳي پيئي آهي ۽ ججهي پاڻيءَ جو ڪڙڪو پيو ٻُڌجي، پر اهڙيءَ حالت ۾ بہ سهڻي پاڻ کڻي وڏي وهڪري ۾ ٽپو ڏنو. عبداللطيف چوي ٿو پر مالڪ جي مهربانيءَ سان هوءَ اهي (خوفناڪ) لهرون لنگهي پار پھچي ويئي.
[روميءَ اهو نظارو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
عاشقان در سيل تند افتاده اند،
برقضائي عشق دل بنهاده اند.
(دفتر ششم، ب-910)
معنيٰ: عاشقن پاڻ کي اونهي پاڻيءَ جي ڪُنن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو عشق جي فيصلي تي راضي ٿي ويا آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1680
ڪَرَکَلُ ڪُوْچُ ڪُنَ کَنَان جِةِ جَرَ وَاکُوْ جِهئَاءٍ﮶
پَانُ اُڇَلٖيْ آَبَم﮼ وَهْسِرِ وِڌَاءٍ﮶
لَھْرِيٌ لَنکَاءٍ لُطْفَ سَانُ لَطِيْفُ چٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कर ग॒लु कूचु कुन घणा। जिति जर वागू॒ जिहाईं।
पाणु उछले आब में। वह सिरि विधाईं।
लहरियूं लंघियाईं। लुतिफ़ साणु। लतीफ़ु चए।
ROMAN SINDHI
Kar'a ggal'u kooch'u kun'a ghhanna, jit'ay jar'a waaggoo'n,
Paann'u uchhali aab'a mayn, wah'a sir'ay widhaa'een,
Lahriyoo'n langhhiya'een, lutif'u saann'u, Lateef'u chae.
TRANSLATIONS
Tumultuous, swiftly swirling and wildly infested eddies exist in the river in disarray, and they are inhabited by lots of crocodiles (thereby creating an inferno). But Suhni jumped into the water undaunted and headed for the impetuous current. It was only with Allah's grace that she passed safely through the surge.
In waters wild where there are whirlpools and crocodiles,
She entrusted herself to currents' force,
With God's grace, she crossed the roaring bores.
Where there were roaring waters,
Swirling whirlpools and crocodiles aplenty,
There she plunged herself into the rushing current,
She crossed the violet waves, Lateef says, with God's grace.
فى النهر قرقعة مستمرة وضجة ودردور وتماسيح- سهني ألقت نفسها فى اليعبوب وعبرت بفضل اﷲ وعونه- عباب النهر.
کپر پیندے شور مچاوندے، بلہڑ پھرن چوفیرے
ٹِھلی سوہنی پانی اندر لہراں پاون گھیرے
ربی مہر پار لنگھائی، کہے لطیف سنائے
قعر دریا و شورش امواج
اور ہر سمت خشگمیں گرداب
دیکھئے سوہنی کی ہمت کو
ایک دل اور کتنے پیچ و تاب
اے خوشا لطفِ کارساز ’لطیف‘
موج طوفان بھی ہوگئی پایاب
قہری لہریں، شور، طلاطم، نہنگ جہاں گرداب،
کود پڑی دریا میں سوہنی، چڑھی تھی موجِ آب،
دریا تھا پایاب، مہر ہوئی جب پی کی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
