مُٺِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ويچاريءَ، گلاريءَ ستايل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Helpless woman
مُٺِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ،
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]

مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ،
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]

جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]

ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا،
تَنھِن پَرِ نَہ کاڻِي، جَنھِن پَرِ جِيئي جيڏِيُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 8 ]

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو،
نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ پِيَ ڪَندي پَنڌَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 4 ]

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]

ھِڪُ پاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئا جَبَلَ اُتِ جاڏا،
اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا،
جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي ٽارِجِ لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 16 ]

آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِھَڙي ڏوھِ،
ڪو پُرِي پِرِينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ ماتَمُ آيو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 23 ]

جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]