نِئائُون جي سنڌي معنيٰ
کڻي ويا، کڻي ھليا ويا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Taken and gone
نِئائُون جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]

ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو،
نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 8 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]