گَهنگهَرُ جي سنڌي معنيٰ
مونجهارو، لُڙ، گڙٻڙ، گهمسان، دقت، پريشاني، هلاکي، اهنج، تڪليف، مشڪل، مصيبت. بيقراري، غم، ارمان، ڏک، ڳڻتي، سانگو، اونَ، اوسيڙو. سُڃَ، ڀينگ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Confusion, trouble, difficulty, anxiety. Restlessness, sorrow, longing, worry.
گَهنگهَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ريءَ اَعرابِيَنِ ھِتِ، گَهنگهَرُ گهارَڻُ مُون پِئو،
بَڪَتَ الۡعَینَینِ بما ھُوَ قَدَما ، پُڄان ساڻُ پِرتِ،
مَنُ اَکِيُون تَنُ تِتِ، جِتِ جَنَبُ جيڏِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 13 ]
بَڪَتَ الۡعَینَینِ بما ھُوَ قَدَما ، پُڄان ساڻُ پِرتِ،
مَنُ اَکِيُون تَنُ تِتِ، جِتِ جَنَبُ جيڏِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 13 ]
ھِڪُ جَي نَہ ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپَندي جَي مَران،
گَهنگهَرُ گهَڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 3 ]
گَهنگهَرُ گهَڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 3 ]
پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ جورِ هَڻِي جانا،
پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايُنِ ڪانا،
آن ريءَ اَمانا گَهنگهَرُ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 8 ]