ڀَرِي جي سنڌي معنيٰ
ڀريل، ٽٻٽار، سٿيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Filled, having full quantity.
ڀَرِي جا بيتن ۾ حوالا
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون ڪَرِ،
ڀَرِي ڪاڪِ قُربَ سين، تُنھِنجي اَچَڻَ ساڻُ اَپَرِ،
لِلہِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ وِلِهِيءَ تي وَرِ،
پَرَچُ پِرِين ڪَنھِن پَرِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 14 ]

تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 16 ]

ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ،
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]

اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا،
تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ،
اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي آھِيان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 16 ]

جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو،
ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ،
مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ،
اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، موليٰ مانَ مِلَنِ.
[ سُر ديسي، وايون، 17 ]

پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]

جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين.
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]