ڀَري جي سنڌي معنيٰ
ٽٻٽار ڪري، زور سان، پوري سگهہ سان، چڪار ڪري، مڪمل ڪري، ڀرپور ڪري، مڪمل ادا ڪري، مطمئن ڪري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To fill, to infuse, saturate, cover with, to load a gun to lade a boat. To pay re-imbrues, to embroider. To draw in or up as a sigh. Mouthful etc., to heave. To repeat, take an oath.
ڀَري جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
وِئو وُجُودان نِڪِرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ حَبِيبَ جو؟
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 7 ]
وِئو وُجُودان نِڪِرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ حَبِيبَ جو؟
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 7 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي،
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]
اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي،
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]