مَرَڪُ جي سنڌي معنيٰ
فخر. خود ثنا. ناز، لاڏ، ماڻو، اَنگل،ارو، نخرو، چاڳلائي. آڀمان، ٽانءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Boasting, conceit, or pride in one’s own deeds. Adj. fitting, becoming.
مَرَڪُ جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]
ھَڻَڻُ ھَڪلَڻُ ٻِيلِي سارَڻُ، مانجِهيان اِيءُ مَرَڪُ،
وِجَهن تان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 10 ]
وِجَهن تان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 10 ]
ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ،
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 11 ]
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 11 ]
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي ميھَڻو،
اِيءُ مَرَڪُ مَعذُورِنِ، جِيئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 19 ]

سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، لَڄايُنِ مَرَڪُ،
نَہ ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، ريءَ رُڪَ رَڻي وِڍِئو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 8 ]
نَہ ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، ريءَ رُڪَ رَڻي وِڍِئو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 8 ]
گُرَ جَا ڏِني گودَڙِي، مَٿي مُون مَرَڪُ،
چيلا ھَڻِي چَرَخُ، اوڍي ويھُ اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 28 ]
چيلا ھَڻِي چَرَخُ، اوڍي ويھُ اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 28 ]
English Meaning
Boasting, conceit, or pride in one’s own deeds. Adj. fitting, becoming.