گهاءُ جي سنڌي معنيٰ
ڌَڪ، ڦٽ، چِيرُ، چَھَڪَ، وَڍُ، ضَربَ، زخم، خال، ٻرڙ، ڌَنءُ، چاڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Injury, cut, wound.
گهاءُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون،
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
سَرَتِيُون سُوريتِيَنِ جي، ڪوھُ ٿِيو پَٿَرِ پُونِ،
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]
گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ،
مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 23 ]
مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 23 ]
ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ،
وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ،
گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 6 ]
وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ،
گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 6 ]
English Meaning
Injury, cut, wound.