گهاءَ جي سنڌي معنيٰ
ڌَڪ، ڦٽ، چِيرَ، چَهَڪَ، وَڍَ، ضَربَ، زخم، خال، ٻِرڙَ، ڌَنوَن، چاڪ، ڦُچَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wounds, injuries.
گهاءَ جا بيتن ۾ حوالا
رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]
شَما بُروا زِيرِ ڪَنِي، سَڄَڻَ لَڳِ خُدا،
چَشِما تي ڪُش مَران، تيري نيڻين ڪِئا گهاءَ،
آئُون ڪِيئَن مَٽِيان ساءُ، سيڻَنِ کان سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 25 ]
چَشِما تي ڪُش مَران، تيري نيڻين ڪِئا گهاءَ،
آئُون ڪِيئَن مَٽِيان ساءُ، سيڻَنِ کان سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 25 ]
اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 9 ]
English Meaning
Wounds, injuries.