ڳَلُ جي سنڌي معنيٰ
ڳِچِي، گلو، ڳلو، ڪَنڌُ.ڳٽو، ڳلهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A cheek.
ڳَلُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، غافِلِ مَنجِهہ گَهرَنِ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ،
سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 8 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ،
سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 8 ]
کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ کي ڏِجِ مَ ڳَلُ،
تُو ھُماءِ ڏي ھَلُ، شِڪرو ساڻُ کَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 23 ]
تُو ھُماءِ ڏي ھَلُ، شِڪرو ساڻُ کَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 23 ]
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ،
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]
English Meaning
A cheek.