آسائِتي جي سنڌي معنيٰ
اميد رکندڙ، آساوند. آس وارِي. سڪ واري، سيڪڙي، سڪايل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hopeful, in hope, expectant.
آسائِتي جا بيتن ۾ حوالا
تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي،
مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي،
کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اَکا ڏِيان آڻي،
اُڀِي اوسَھَ پايان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،
آسائِتي آھِيان، اللهَ ڪانڌُ اَچي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 2 ]
مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي،
کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اَکا ڏِيان آڻي،
اُڀِي اوسَھَ پايان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،
آسائِتي آھِيان، اللهَ ڪانڌُ اَچي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 2 ]
جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون،
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،
سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيائِي مِينھَن جِي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 16 ]
سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيائِي مِينھَن جِي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 16 ]
English Meaning
Hopeful, in hope, expectant.