اوجاڳو جي سنڌي معنيٰ
ننڊ نہ ڪرڻ جي حالت، جاڳَ، سُجاڳي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Insomnia, sleepless. state of without sleeping.
اوجاڳو جا بيتن ۾ حوالا
سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن،
اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي،
ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 14 ]
اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي،
ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 14 ]
اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن،
آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ،
ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 15 ]
آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ،
ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 15 ]
جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو،
اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ،
تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
جٖي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَھَنِ،
وِھاڻِيءَ وَھائِيين، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 4 ]