اوٽَ جي سنڌي معنيٰ
پناھ، آڏ، پردو. ڍَڪُ، اولو، اجهو، بچاءُ، ڇانوَ. جهَلو، اوٽ، سھارو. پاسو، ڀر. ڪنارو، ڪَنڌي. ڪکن جي ڪَنڌي، پَتَرِ. ڪکن ڪانن مان ٺهيل آڏَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Protection, shelter, sanctuary. Going, expense in going anywhere.
اوٽَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ،
ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ،
سَرَتِيُون شَرِيڪَتَ، آئُون ڪِيئَن آگَنِ سين ڪَرِيان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 24 ]

جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 10 ]

مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 13 ]