اَبَڙو جي سنڌي معنيٰ
ابڙو سمو، دودي سومري جو يار، ڪڇ رياست جي شھر ھالار جو ھڪ سخي سردار ھئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abro Samo, was friend of Dodo Soomro, a brave clan chief from Kachha state.
اَبَڙو جا بيتن ۾ حوالا
اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي،
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
اُو اَبَڙو ئِي اَڀَڳُ، اُو ڏُونگَرُ ئِي ڏيھُ ٻِئو،
ھِيءُ جُوڻِيجاڻُون جُنگُ، جو سَرَڻِنِ سوٺا نَہ سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 18 ]
ھِيءُ جُوڻِيجاڻُون جُنگُ، جو سَرَڻِنِ سوٺا نَہ سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 18 ]
اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي،
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]