اَرڏا جي سنڌي معنيٰ
ايذاءَ ڏيندڙ، ڏکوئيندڙ، عذاب ڏيندڙ، ڪھندڙ، اڙٻنگ، اهنڊ، اڻاوا. ڏکيا، زوراور، شوخ، ضدي، ڪرڙا، کھرا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rough, hard, thorny.
اَرڏا جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،
آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ،
اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ،
سوڙِھا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻاتاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 19 ]
آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ،
اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ،
سوڙِھا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻاتاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 19 ]
English Meaning
Rough, hard, thorny.