اَصِيلَ جي سنڌي معنيٰ
چڱي نسب وارو، شريف، نيڪ ذات، چڱو مڙس، اصل نسل وارو، بڻائتو. اصل خاندان، خانداني، عزت وارو. سچو ماڻهو. ننگپال.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
High-born, of noble blood, of good stock or lineage or pedigree, maidservant
of good stock, noble.
اَصِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 9 ]

پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ،
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]

ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]

جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون،
پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون،
مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون اَصِيلَ سين.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 4 ]