اَعليٰ جي سنڌي معنيٰ
تمام مٿانھون، اوچو، بلند، تمام وڏو، وڏي مرتبي وارو، اتم، عمدو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Highest, greatest, uppermost, high, great, superior, loftiest, most eminent, topmost, first-rate, principal.
اَعليٰ جا بيتن ۾ حوالا
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو،
جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،
ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 26 ]