اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ جي سنڌي معنيٰ
”سفر دوزخ جو ھڪ ٽڪرو آھي.“ (چيو اھو ٿو وڃي تہ ھيءَ حديث آھي. جڏھن تہ ھن جو ڪو اتو پتو نہ ٿو ملي، ھا پر مشڪوات شريف ۾ حدیث نمبر 3817 تي اھو چيل آھي تہ ” السفر قطعة من العذاب“ يعني ”سفر عذاب جو ٽڪرو آھي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Travelling is a piece of the hell."
It is said that this is a hadith, while there is no trace of it, yes, but in Mishkwat Sharif, on Hadith No. 3817, it is said that "travel is a piece of punishment".
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ جا بيتن ۾ حوالا
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]

ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]

ھُئَڻُ تو حِجابُ، لَنگهِہ تَہ لَھين سُپِرِين،
اَلصَلاتُ مِنَ الصَلاتِ ، کامِي ٿِيءُ خَرابُ،
جِسمُ دوزَخُ دابُ، ڪَلُ ڪائِنُ داخِلين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 4 ]

مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ سَڀَيئِي،
حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي،
پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 18 ]

لامَئُون لَڏي ھَلِئا، جوڳِي مان جايُنِ،
وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ چُوَنِ،
مَنجا مَھرا مَڙِهيُون، ڀاڻُ ڪِئو ڀانئِين،
وَالقَدرِ خَيْرَہ وَشَرِہ مِنَ اللہِ تَعاْليٰ ، اِنهين اُھڃاڻَن،
سامِيَڙا سَنڪَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 28 ]