اَٻوجَهنِ جي سنڌي معنيٰ
جن کي ٻوجهہ يعني ڄاڻ نہ هجي، بي سمجهہ بي عقل، اَڻ ڄاڻ، نادان. ڀورڙا، ٻالا ڀولا، سادہ لوح.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Aloofs, of feeble understanding or wit, ignorant, fatuous۔
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَٻوجَهنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڄاڻين توءِ مَ ڄاڻُ، اِي دَرُ اَٻوجَهنِ جو،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ نَہ ڀانيو پاڻُ،
رُونجهاڻِي راڄاڻُ، آھي اَٻوجَهنِ جو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 27 ]
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ نَہ ڀانيو پاڻُ،
رُونجهاڻِي راڄاڻُ، آھي اَٻوجَهنِ جو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 27 ]
ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا،
سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 5 ]
سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 5 ]
ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي،
ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري،
آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ سَھي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَھي، تَنھِن کي جُکِي جانڪِيتا نَہ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 12 ]