اَڳاھِين جي سنڌي معنيٰ
آڳاٽي وقت کان، اڳي کان. اڳھڻو يا اڳھڻي، بنھ اڳي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By eons, ancient
اَڳاھِين جا بيتن ۾ حوالا
دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين،
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين،
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين،
بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين،
ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ ڏاھِي،
ڀيرُ سُڃاتُمِ پِرِينءَ جو، موٽان نَہ پانھِين،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويندِيَسِ اَتِ اَڳاھِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 3 ]

اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين،
وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين،
جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،
ڀَنڀِيُون ڀِرِي آيُون، آيَلِ مُون اُتاھين،
قَلَمُ جَنِ جي ھَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،
بَندِيءَ جِي بازارَ ۾، شالَ مَ لِکَنِ لائِين.
[ سُر آسا، وايون، 3 ]