اَڳَ ڍائو جي سنڌي معنيٰ
اڳ ئي ڍاوَل، ستينءَ پيڙهيءَ شاهوڪار، بنيادي تونگر. سکئي گهر ۾ ڄاول.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Already filled, rich by parents, born in rich family.
اَڳَ ڍائو جا بيتن ۾ حوالا
ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي،
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڌُ،
لالَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 32 ]
لالَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 32 ]
جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان،
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]
ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين،
اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ،
اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 35 ]
اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ،
اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 35 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ،
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو،
ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 27 ]
ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 27 ]
ڏُونگَرَ مُون مَ ڏُکوءِ، اَڳَ ڏُکوئِي آھِيان،
سارِيان ڪو نَہ سُکوءِ، سُورَ گَهڻائِي سَنبِران.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 9 ]
سارِيان ڪو نَہ سُکوءِ، سُورَ گَهڻائِي سَنبِران.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 9 ]
English Meaning
Already filled, rich by parents, born in rich family.