اُبَتا جي سنڌي معنيٰ
اُبت وارا، اُلٽا. برعڪس، اُبتڙ. ٻيءَ طرح. مخالف. ڏنگا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reversed, upside down, backwards, adverse, contrary, inverted.
اُبَتا جا بيتن ۾ حوالا
مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

ڇَنِ نَہ ڇَڄي آھِيان، ڪُڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ،
اِيندي پِئَڙَمِ اُبَتا، پَيڪَڙا پيرَنِ،
ھَٿَڙِيُون ھَٿَنِ، ڄَنگهُون ٻانھون ڪاٺَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 26 ]

ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا،
مُون تي جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ،
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جَي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 33 ]