اُتان جي سنڌي معنيٰ
اُنهيءَ جاءِ کان، اُنهيءَ هنڌان، اُتئون، اُتاهُون. مٿان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From that place, from there.
اُتان جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڙُھ پُڻ ڪيچَ ڌِڻِيَنِ کي، ڪَڙِ پُڻ پيرَ سَندانِ،
اِنِهيءَ پَرِ اُتان، پُوندِينءَ مُنڌَ پَھاڙَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 19 ]
اِنِهيءَ پَرِ اُتان، پُوندِينءَ مُنڌَ پَھاڙَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 19 ]
ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي،
پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 6 ]
پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 6 ]
لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي،
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 6 ]
وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي،
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 6 ]
ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ،
سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ،
اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،
سَتِيءَ جي سَيِّدُ چئَي، ڪا ساڻيھَ مَنجِهہ سَنڀالَ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لوئِي لاھِ مَ لالَ،
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 2 ]

سو مُون آهي سُومَرا، ورِهُه ويڙِهِيچَنِ،
گولُو گولاڙَنِ جُون، پائُرِ ٿِيُون پَچَنِ،
مَنَ اُتان ڪي اَچَنِ، مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 7 ]
گولُو گولاڙَنِ جُون، پائُرِ ٿِيُون پَچَنِ،
مَنَ اُتان ڪي اَچَنِ، مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 7 ]
English Meaning
From that place, from there.