اُمَتِي جي سنڌي معنيٰ
پوئلڳ، مُقَلد، پيروي ڪندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A believer of any faith, sectarian.
اُمَتِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]

مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]