بازِي جي سنڌي معنيٰ
راند. کيل، تماشو. ڪرتب، هنر، ڪاريگري. ڪبوتر جو پلٿو. داءُ، چال. گوءِ، سَرسي. سوڀ، فتح. چالاڪي، کيڏ، اٽڪل. شرط، ٻول.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Play, sport, game, a wager, cheating, circumvention. To perform feats of activity, rope, dancing, tumbling, a summerset.
بازِي جا بيتن ۾ حوالا
صُوفِي سالِمَ سي وِئا، جٖي اَڪثَرَ سين اَڏَيارَ،
بازِي بازَندَنِ کي، آھي اويسارَ،
پِريان سين پِھَڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 1 ]
بازِي بازَندَنِ کي، آھي اويسارَ،
پِريان سين پِھَڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 1 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ شَيطانِي،
بازِي بيرانِي، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 32 ]