باڪَ جي سنڌي معنيٰ
ڀؤُ، ڊپ، خوف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fear, dread, terror.
باڪَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ،
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]

اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِ جا ٿاڪَ،
پاڻَ نَہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ اُوءِ نَہ عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 20 ]