بي جي سنڌي معنيٰ
کان سواءِ، بغير، خالي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Without
بي جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان،
دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي،
ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي،
ويڄَ طَبِيبَ مَين پُڇَندي ٿڪِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 11 ]
دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي،
ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي،
ويڄَ طَبِيبَ مَين پُڇَندي ٿڪِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 11 ]
تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو،
تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ،
لَڳِي اُڃَ اَکِيُنِ کي، سِگهو موٽُ سَتارَ،
پَسان ڪِينَ پِريَتَڻُو، ڪاڏي پِرتِ پَچارَ،
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آھِيان آنھان ڌارَ،
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻِي آڌارَ،
ڏِيان خيزَ خِزان ۾ بي تو مَنجِهہ بَھارَ،
مُضَرَتان مُون کي ڪِئا، حَڪِيمَنِ ھَزارَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، وارو واقفِڪارَ،
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، معجونُون موچارَ،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ کي، تُنھِنجِي پِيَ پَچارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 10 ]

تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 12 ]
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 12 ]
مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي،
پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ،
ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 37 ]
پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ،
ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 37 ]
ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بي راھَ،
تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ کي ڪَڍي تارِ مان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 25 ]
تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ کي ڪَڍي تارِ مان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 25 ]
دوسِتَ ڪُھائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي،
اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳالِهہ اِسرارَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 3 ]
خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي،
اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳالِهہ اِسرارَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 3 ]
وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ دُوسَ،
ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، بيراڳِي بي ھُوسَ،
اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِيئَن پَٽَ کَڻَنِ نَہ پاڻَ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 8 ]
ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، بيراڳِي بي ھُوسَ،
اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِيئَن پَٽَ کَڻَنِ نَہ پاڻَ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 8 ]
اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِ جا ٿاڪَ،
پاڻَ نَہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ اُوءِ نَہ عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 20 ]

لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ،
سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 3 ]
سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 3 ]
عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي شِرڪُ ڀانيَين پاڻَ کي،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، ھُو پُڻ ڪونِهي ھِنَ ري.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 9 ]
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، ھُو پُڻ ڪونِهي ھِنَ ري.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 9 ]
English Meaning
Without