تَمامُ جي سنڌي معنيٰ
مڪمل. ختم، پورو، بس. فنا، نيست، نابود. سڀ، سارو، سمورو، ڪَل، سڄو. پورو، تيار. (ظرف) بلڪل، ڏاڍو. گهڻو، بيحد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Completed, finished, perfect. (Adv) Thoroughly, wholly, completely, extremely, very, absolutely, entirely, exceedingly, quite.
تَمامُ جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]

عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڪِئو،
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 2 ]
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 2 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ،
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]

ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]

ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]

پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ،
سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 9 ]

آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]

ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ،
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ،
گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ،
صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ ڪِيني کي قَتَلامُ،
تَہ نانگا تُنھِنجو نامُ، لِکِجي لاھُوتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 9 ]

پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ،
تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ تَمامُ،
راھَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 19 ]