تَنھا جي سنڌي معنيٰ
ھيڪلو، اڪيلو، هڪڙو، ڇڙو. يگانو. الڳ، جدا. فقط، رڳو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Alone, lone, single, lonely, by oneself, solitary, only, isolated, single-handed.
تَنھا جا بيتن ۾ حوالا
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 16 ]
ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 16 ]
تَڙِ تَماچِي آيو، مَٿي تَڙَ تَنھا،
اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ،
تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 22 ]
اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ،
تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 22 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي،
لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 17 ]