تَوائِي جي سنڌي معنيٰ
گمراھ، ڀليل، بتال ٿيل، منجهيل. وائڙو، موڳو، حيران. ڇڙ وڇڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
At random, without aim or thought, at fault, missed, passed without effect, wandering uselessly, scattered here and there.
تَوائِي جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو،
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 9 ]
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 9 ]
سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،
جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 16 ]
جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 16 ]
سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،
مَن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن ، اِنَ ريءَ اُونداھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گِيرَبُ گَنوائِي،
بِلَا شَيۡخ مَنۡ يَّمۡشِيۡ فِي الطرِيۡقِ ڪَمَنۡ يَّشۡمِيۡ فِي الۡبَحۡرِ بِلَا سَفِيۡنَةٍ ، اِھَڙِي اَوائِي،
تَنھِن ريءَ تَوائِي، ڪوڙيِين ٿِيَنِ ڪيتِريُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 7 ]