تُونھِين جي سنڌي معنيٰ
تون ئي آھين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Only You're
تُونھِين جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ،
تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھِين اَکنِئا ٻَھارِ،
پِرِين تُنھِنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ ٿِئا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 9 ]

مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون،
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون،
اَلا! عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آهين تُونھِين تُون،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 33 ]

ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو وَرَقُ وِصالَ جو،
تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 4 ]

توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان،
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]

ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ مِڙُوئِي مُون،
آئُون اَسُونھِين اُو سُونھان، پِرِين ڀَلا پَرڀُون،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جو، پاندُ نَہ پُڄتوسُون،
جَنِ جو تُونھِين تُون، سي پِيادِيُون پھچائِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 14 ]

مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇايُون،
تُون گهَڻيُنِ گهوٽُ، مُون وَرُ تُونھِين ھيڪِڙو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 8 ]

تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو تُون آڳُ،
ھِتِ پُڻ تُنھِنجو تَڪِئو، مَھِندِ پُڻ تُونھِين ماڳُ،
سي لورِيُون ڏِينِ نَہ لاڳُ، جٖي اَجهي آيُون اَبَڙي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 23 ]

ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون،
مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 37 ]