تُوۡرُ جي سنڌي معنيٰ
ھڪ جيڏيون ڇوڪريون، ٻار، ساڳي وھيءَ واري نسل، ساڳي وَھي يا ڄمار وارا ٻار ۽ نوجوان، هڪ ٽھي. هم سن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Children or offspring of same age. The set of eggs laid by a bird at one season, a brood or hatch of birds. The keeping the fast called tulsi. A crop, spoken of such plants as spring up a second or third time.
تُوۡرُ جا بيتن ۾ حوالا
کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري،
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري،
مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري،
ڊيئِي ڍَٽَ ڌاري، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 6 ]
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري،
مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري،
ڊيئِي ڍَٽَ ڌاري، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 6 ]
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي،
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 7 ]
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 7 ]
English Meaning
Children or offspring of same age. The set of eggs laid by a bird at one season, a brood or hatch of birds. The keeping the fast called tulsi. A crop, spoken of such plants as spring up a second or third time.
تُوۡرُ ٻول جا زمرا