جالَ جي سنڌي معنيٰ
جام، تمام گهڻو، بي شمار، جهجهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pleanty, large quantity, huge.
جالَ جا بيتن ۾ حوالا
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]

ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]

واءَ وِڃايُمِ ڪالَهہ، پُٺِي جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان،
وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 23 ]

ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ،
ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ،
گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ،
ٻَڌا ڏورِيءَ وَڃَنِ چورِيءَ، اُنِ جا کُرَ نَہ کُڙِڪو ڪَنِ،
تَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، توڻي ڪامُنِ سان ڪُٽِجَنِ،
ٽوري ٽَڪَرِ چاڙِھِئا، ساجُهرِ سَرواڻَنِ،
اَللہ اُٺَ اَچَنِ، جَنِ پُنهون نِيو پاڻ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 11 ]

والِي وَڃِي پَسان شالَ، ھيڪَرَ ھوتَ پُنهونءَ کي،
جَنھِن ڪارَڻِ جالَ، ھاريان ٿِي ھَنجُنِ کي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 23 ]

ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جالَ،
سوڍا مُون کي ڪالَهہ، وٽِي مُنھَن ۾ آيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 1 ]

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا،
ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ،
جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي بِکِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 14 ]

جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن،
سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن،
سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ تان جالَ وَسايو جَکِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 24 ]