جوڙِيائِين جي سنڌي معنيٰ
جوڙ ڪيائين، ٺاھيائين، راس ڪيائين، تيار ڪيائين
ذريعو:ڀٽائيپيڊيا
English Meaning
Have made, have developed, created
جوڙِيائِين جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين،
خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين،
ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين،
اَنا مولاڪَ وَ اَنتَ مَحبُوبِي ، اِيءَ اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 27 ]

جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا،
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]