جيڏِيُنِ جي سنڌي معنيٰ
سنگتياڻين، ادين، سرتين، ھم عمرين، ننڍي ھوندي کان گڏ سکين، سَکين، ڀينرن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)
جيڏِيُنِ جا بيتن ۾ حوالا
ماڙِيءَ مِينھَن نَہ پُونِ، ساوا گاھَ نَہ سُومَرا،
ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، مَرُ هيڪاندِيُون هُوَن،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 7 ]

ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن مَلِيرَ تي،
ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 8 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]

مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾،
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]