جَهلِيا جي سنڌي معنيٰ
جهلجي پيا، وٺجي ويا، پڪڙجي پيا يا ويا، ڦاٿا، سوگها ٿيا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Captured, handicapped
جَهلِيا جا بيتن ۾ حوالا
مَڱَ نَہ جَهلِيا مُورَھِين، نَہ مُون پَنڌُ پَري،
ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري،
سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پيرَ ڀَري، تو لَئِي آيو آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 20 ]
ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري،
سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پيرَ ڀَري، تو لَئِي آيو آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 20 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
English Meaning
Captured, handicapped