جَهڻِ جي سنڌي معنيٰ
ڌَونري وِلوڙڻ بعد تَري آيل ڦِيڻ جنھن مان مَکَڻُ ٺھي. مَکَڻُ نہ نڪتل ڏُڌُ، مَھِي. گهاٽو ڏُڌُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Butter-milk.
جَهڻِ جا بيتن ۾ حوالا
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ مارُوئَڙَنِ جو مَرَڪُ،
ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ،
والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 18 ]
ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ،
والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 18 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ،
اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ،
آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 19 ]
اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ،
آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 19 ]
جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران ڪوٽَ مان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 20 ]
شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران ڪوٽَ مان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 20 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي،
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ،
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ،
پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ،
ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 23 ]
پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ،
ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 23 ]
اَجورا اُٿِيَنِ جي، مَٿي جَهڻِ جهاپي،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سين فاقي،
اُنِين ريءَ آئُون ڪي، منھِن مِٺايُون لايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 13 ]
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سين فاقي،
اُنِين ريءَ آئُون ڪي، منھِن مِٺايُون لايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 13 ]
English Meaning
Butter-milk.