جُسي جي سنڌي معنيٰ
بَدنَ، تَنَ، لڱن، جسمَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Body, outer organs of body.
جُسي جا بيتن ۾ حوالا
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو،
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ،
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ،
سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 30 ]
سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 30 ]
اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ،
لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ،
ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،
ڏوري ڏِٺائُون ڏُکَ سين، پاڻَ مَنجهيئِي پيرُ،
سَچُ جَنِ جو سِيرُ، گُرُ ويٺي تَنِ گَڏِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 11 ]

پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]
جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين،
تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 2 ]
تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 2 ]
English Meaning
Body, outer organs of body.