جُوانَ جي سنڌي معنيٰ
نوعمر، نوجوان. ڳڀرو، لاسيار، لاسڙاٽ. بالغ، ساماڻل. مضبوط، نوان تازا، بھادر، دلير. سگهارا، پھلوان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Adult, youth, young man or woman, teens, man, soldier, warrior, able-bodied man.
جُوانَ جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]

ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تارِ جو،
لَهرِيين لُڙَ لَطِيفُ چئَي، جَهلِئا جُنگَ جُوانَ،
اُونِهي تَڙِ آڳَٽِئا، آڏِي پائي آڻَ،
جٖي پِئا مُنھِن مَھِراڻَ، تَنِ ٻانڌِيَنِ ٻَيٽُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 5 ]

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]

اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]

مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]

اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ،
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
تَنِ کي جورا زَربَفتَ جا، پاڪِيزا پَھراڻَ،
اُتاھِين عَنبِيرَ جا، اُڏَڻا اوڌاڻَ،
آئِي ڇَٽَ ڇُگِيرَنِ کي، ڪُوماڻا ڪيڪانَ،
مُومَلَ مَھمانَنِ کي، لَکين لوئي لوبانَ،
سي جَهرَڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪاڪِئان گهيڙيا ڪَرَھا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 14 ]

ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين،
اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾،
نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،
گَندَگِيءَ گوشو ڪِئو، عَطرَ اوتَ اوتِئائِين،
اَنڌا مَنڊا آيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو ھَنڌُ ڪونَہ مَٽِئائِين،
قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سين، جِھَڙِي وَٽَ وَٽِئائِين،
پَسو جو پَيدا ٿِئو، جوھَرِي جِئائِين،
موتِي مَڇِيءَ ھَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِيئَن ڪَڍئائين،
ماڻِڪَ مِياڻِيءَ ۾، ڇِلُرَنِ جِيئَن ڇَٽِئائِين،
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِئائِين،
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀَ گهورِئائِين،
پاڻِيَٺِ آڻي پاڻَ سين، لالُون لُٽِئائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائِين.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 3 ]