جِيئَندِي جي سنڌي معنيٰ
زندہ رھندِي، ساھ کڻندِي، جيئري رھندِي، حياتي گهاريندِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To live, survive, to breath, to exist
جِيئَندِي جا بيتن ۾ حوالا
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو،
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 25 ]
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 25 ]
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽ نارِي،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 1 ]
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 1 ]
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ،
آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ،
ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 2 ]
آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ،
ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 2 ]
لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 3 ]
گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 3 ]
ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي،
صُحبَتَ جَا سَندِيانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنَ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 4 ]
صُحبَتَ جَا سَندِيانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنَ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 4 ]
مَران مَٿو پِٽِيان، نِھارِئان نيرانِ،
سُخنَ جي سَندانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 5 ]
سُخنَ جي سَندانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 5 ]
وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ،
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ،
پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
راتو ڏِينھَن رِڙھيجِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 6 ]
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ،
پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
راتو ڏِينھَن رِڙھيجِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 6 ]
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ،
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]
واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ،
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،
ھَلُ کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 8 ]