حوصِلو جي سنڌي معنيٰ
دل جي هِمت، جُراتَ، دليري، طاقت، قوت، بھادري، بُردباري، سمجهہ، ڄاڻ، ٻُڌي، هوش، عقل، خيال، سُرت، چيتو، جذبو، اوسان، دماغ، فھم، ذهن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To collect, understanding, intellect, sense, with.
حوصِلو جا بيتن ۾ حوالا
حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ،
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون،
مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 13 ]
مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 13 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ،
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 14 ]
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 14 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
English Meaning
To collect, understanding, intellect, sense, with.