حَمِيراڻا جي سنڌي معنيٰ
حميرن يا اميرن جا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of the Hameer's or riches.
حَمِيراڻا جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ،
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]

هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا،
سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ،
حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ،
سَنجهي سَتِ گُذارِيان، اَچي شالَ اَسُورِ،
دَران ٿِيان مَ دُورِ، مارُو ڄامَ مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 3 ]

عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي،
مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي،
سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ ٿڪيندي،
حَمِيراڻا هَٿَڙا، مِھرِي ڪِينَ مَڃِيندِي،
جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو، ماڙيءَ سين نَہ مَٽِيندي.
[ سُر مارئي، وايون، 17 ]