حُزُنُ جي سنڌي معنيٰ
ڏُکُ، رَنجُ، صدمو، درد، غم، افسوس، ملال. ڳڻتي، گُوندر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Grief, sorrow, sadness, unhappiness, mourning, lamentation, affliction.
حُزُنُ جا بيتن ۾ حوالا
خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]