داڙُو جي سنڌي معنيٰ
شفيع، ڇڏائيندڙ، وڪيل، سفارش ڪندڙ، وچوارو خيال ڪندڙ، پاسو وٺندڙ، پاران ڳالهائيندڙ، بدران ڳالهائيندڙ، ثالِثُ، ٽِياڪُڙُ، ويڇو. حِمايتي. مددگار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who recommends, advocate, intercessor, mediator, possessor of the right of preemption.
داڙُو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]